تهران : ايراني فوج آمريڪي حملن جي جواب ۾ جوابي ڪارروائي ڪندي بحرين ۾ آمريڪي تنصيبات تي حملو ڪيو آهي. ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته بحرين جي “سخير بيس” تي آمريڪي هيلي ڪاپٽرن ۽ جاسوسي جهازن کي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو آهي. ان کان علاوه آمريڪي جارحيت جي جواب ۾ ايران ڪويت ۾ به ڊرون حملا ڪيا آهن. روسي ميڊيا موجب ايراني ڊرون آمريڪي ميزائلن جي بيٽري کي نشانو بڻايو آهي جنهن سان دونهين جي بادلن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ڪويتي فوج جو چوڻ آهي ته فضائي دفاعي نظام دشمن جي ميزائل ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بڻائي رهيو آهي. آمريڪي فوج مسلسل ڇهين رات ايران تي حملن جي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ايڪس (X) تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مسلسل ڇهين رات ايران تي حملن جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي، حملن ۾ ايراني فوجي تنصيبات ۽ ساحلي نگراني جي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو. سينٽڪام موجب ايران جي فضائي دفاعي نظام (ايئر ڊيفينس سسٽم) ۽ لاجسٽڪ تنصيبات کي به نشانو بڻايو ويو. ٻئي طرف ايراني ميڊيا موجب آمريڪي فوج شهري انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو. آمريڪي فضائيہ ايرانشهر ايئرپورٽ، بندر عباس، بندر خمير، اهواز ۽ بوشهر ۾ حملا ڪيا ۽ 3 پل تباهه ڪري ڇڏيا.ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته بندر عباس ۾ رهائشي عمارت، ڪميونيڪيشن ٽاور ۽ ريلوي اسٽيشن تي به حملو ڪيو ويو. بندر عباس جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي جڏهن ته بوشهر ۾ بحري اڏن کي به نشانو بڻايو ويو.ايراني ميڊيا موجب آمريڪي حملن ۾ 7 ماڻهو شهيد ۽ 9 زخمي ٿيا آهن.
تبصرے بند ہیں۔