ڪراچي: ڪراچي ۾ تندور مالڪن سرڪاري قيمت تي اٽو نه ملڻ جي صورت ۾ ماني وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
تندور مالڪن موجب اٽي جي سرڪاري قيمت تي دستيابي يقيني بنائي وڃي، سرڪاري قيمت تي اٽو نه مليو ته قيمت وڌائڻ تي مجبور ٿينداسين. هنن جو چوڻ هو ته فلورملز طرفان اٽو لاڳيتو 145 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته اسان اڃان تائين ماني ۽ نان جي قيمت ۾ اضافو ناهي ڪيو.
ياد رهي ته ايل پي جي قيمت وڌڻ تي پنج روپين جو اضافو گذريل مهيني ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ 25 روپين جو نان 30 روپيه ۽ 20 روپين جي ماني 25 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن ته چپاٽي جي قيمت 20 روپيه وصول ڪئي پئي وڃي.
ٻئي طرف سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پاليسي سبب هن ڀيري ڪڻڪ جي بمپر فصل تيا رٿي پر جيئن فصل لٿي منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن ڪڻڪ غير آئيني طور تي اسٽور ڪري ورتي.
سينئر وزير ٻڌايو ته 17 لک ٽن ڪڻڪ ڪريڪ ڊائون ذريعي رڪور ڪئي آهي. ڇاپن کان پوءِ 13 روپيه ڪلو ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت گهٽ ٿي آهي. ضبط ٿيل ڪڻڪ جو سرڪاري ريٽ ڏينداسين، هن وڌيڪ چيو ته اسان ذخيرو ڪندڙن کي چئون ٿا ته اڃان به وقت آهي، ڪڻڪ کي سرڪاري گودام ۾ جمع ڪرايو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔