دلجيت دوسانجھ فلم ‘ستلج’ جو معاوضو صرف هڪ رپيو ورتو، هدايتڪار

ممبئي: هندستاني گلوڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانجھ بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هن پنهنجي تازي رليز ٿيل فلم “ستلج” جو معاوضو رڳو هڪ هندستاني رپيو ورتو آهي. ڀارتي پنجاب جي مشهور انساني حقن جي ڪارڪن جسونت سنگھ خالڙا جي زندگي ۽ جدوجهد تي ٺهيل هيءَ فلم رليز ٿيڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻجي وئي هئي. پهرين هن فلم جو نالو “پنجاب 95” رکيو ويو هو، پر سنسر بورڊ جي اعتراضن کانپوءِ بدلائي درياءَ جي نالي تي “ستلج” رکيو ويو. فلم جي هدايتڪار هني تريحان انڪشاف ڪيو ته دلجيت معاوضي بابت چيو هو ته جسونت سنگھ خالڙا جهڙي عظيم ڪردار کي ادا ڪرڻ لاءِ پئسا وٺڻ شرم جي ڳالهه هوندي. اصرار ڪرڻ تي هن چيو ته جيڪڏهن معاهدي جي قانوني ڪاغذن لاءِ رقم لکڻ ضروري آهي ته کيس صرف هڪ رپيو ڏنو وڃي. هدايتڪار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن دلجيت هن فلم جو حصو نه هجي ها ته شايد هيءَ فلم ڪڏهن به نه ٺهي سگهي ها.

تبصرے بند ہیں۔