ڪراچي: آمريڪا ۾ سائنسدانن سمنڊ مان ليٿيم، ميگنيشم ۽ ڪوبالٽ سميت ’ريئر ارٿ منرلز‘حاصل ڪرڻ جي نئين ٽيڪنالاجي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندن اندازي موجب سامونڊي پاڻي جو صرف 0.1 سيڪڙو حصو ئي ايندڙ 50 هزار سالن تائين سڄي انسانيت جي ضرورتن لاءِ ڪافي اهم معدنيات فراهم ڪري سگهي ٿو.
آمريڪا جي پئسفڪ نارٿ ويسٽ نيشنل ليبارٽري (PNNL) جي سائنسدانن جو خيال آهي ته دنيا جا سمنڊ اهم معدنيات جا سڀ کان وڏا، پر اڃا تائين اڻ استعمال ٿيل، ذخيرا رکن ٿا. انهن معدنيات ۾ ليٿيم، ميگنيشيم، مينگنيز، ڪوبالٽ ۽ ريئر ارٿ ايلمينٽس شامل آهن، جيڪي اليڪٽرانڪس، بيٽرين ۽ صاف توانائي جي ٽيڪنالاجي لاءِ انتهائي ضروري آهن.
هاڻي آمريڪي توانائي کاتي جي هائيڊرو پاور اينڊ هائيڊروڪائنيٽڪ آفيس جي سهڪار سان محقق سمنڊ جي پاڻي مان اهي معدنيات ڪڍڻ جا طريقا تيار ڪري رهيا آهن.
هي خيال نئون ناهي. ٻي عالمي جنگ دوران آمريڪا پنهنجي ضرورت جو وڏو حصو ميگنيشيم سمنڊ جي پاڻي مان حاصل ڪندو هو، پر 1990ع واري ڏهاڪي ۾ درآمد ٿيل معدنيات تي ڀاڙڻ شروع ڪيو.
پي اين اين ايل جي ڪيميائي سامونڊي ماهر جيسيڪا ڪراس چيو: “جيڪڏهن اسان سمنڊ جي پاڻي جي صرف 0.1 سيڪڙو حصي مان موجود ميگنيشيم ۽ ليٿيم جهڙا اهم معدنيات مڪمل طور ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، ته اهي ايندڙ 50 هزار سالن يا ان کان به وڌيڪ عرصي تائين سڄي انسانيت جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا.”
سمنڊ جي هيٺان معدنيات جو وڏو خزانو
پي اين اين ايل جي ڪيمسٽ ڊاڪٽر چنمئي سُبّن موجب، سمنڊ جي پاڻي مان اهم معدنيات ڪڍڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ انهن جي انتهائي گهٽ مقدار آهي.
هن ٻڌايو ته ميگنيشيم ته نسبتاً گهڻي مقدار ۾ موجود آهي، پر ليٿيم ۽ نڪل تمام ٿوري مقدار ۾ هوندا آهن، تنهنڪري انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ جي پاڻي جا تمام وڏا مقدار پروسيس ڪرڻا پوندا آهن.
مثال طور، اولمپڪ سائيز جي هڪ ترڻ جي تلاءَ ۾ لڳ ڀڳ 6 لک گيلن (23 لک ليٽر) سمنڊ جو پاڻي هوندو آهي، جنهن مان تقريباً: 6,570 پائونڊ (2,980 ڪلوگرام) ميگنيشيم، صرف 0.93 پائونڊ (0.42 ڪلوگرام) ليٿيم ۽ رڳو 0.002 پائونڊ (0.00095 ڪلوگرام) نڪل موجود هوندو آهي.
تبصرے بند ہیں۔