9 ۽ 10 مئي سانحي سان لاڳاپيل سڀئي ڪيس رد، ٻڌڻي عيد کان پوءِ ٿيندي

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ 9 ۽ 10 مئي جي سانحي سان لاڳاپيل سڀني ڪيسن کي هن هفتي ۽ ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيل فهرست مان خارج ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ 9 مئي جي واقعن ۾ جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پنجاب حڪومت جي مهلت جي درخواست قبول ڪندي چيو ته هاڻي سڀئي ڪيس عيد کان پوءِ ٻڌا ويندا.ذوالفقار نقوي ٻڌڻي دوران چيو ته پنجاب حڪومت مون کي 9 مئي جي ڪيسن ۾ وڪيل مقرر ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ کان درخواست آهي ته کيس تياري لاءِ وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا ته 9 مئي جا ڪيس سڀاڻي ۽ پرسوں لاءِ مقرر آهن، گذريل ٻڌڻين ۾ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر پيش ٿي وقت گهري رهيو آهي، اڄ توهان وقت گهري رهيا آهيو. چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ائين نه ٿيندو، هي هڪ ڪيس ناهي، 50 جي لڳ ڀڳ اپيلون آهن.پنجاب حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن هفتي جا ڪيس ملتوي ڪيا وڃن، ايندڙ هفتي ڪيسن جي تياري ڪندس.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڪجهه اپيلون ڪيس جي منتقلي سان به لاڳاپيل آهن، پر ڪيس جي منتقلي جو معاملو حل ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت کان هدايتون وٺڻ گهرجن.ذوالفقار نقوي عدالت کي ٻڌايو ته جج کي بدلي ڪيو ويو آهي، رڳو ڏنڊن ۽ ڪجهه مشاهدن جي حد تائين اپيل جي پيروي ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔