اڊيالا جيل جي گيٽ تي فواد چوڌري ۽ شعيب شاهين ۾ جهيڙو

راولپنڊي: راولپنڊي ۾ اڊياله جيل جي گيٽ تي فواد چوڌري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شعيب شاهين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. فواد چوڌري ۽ شعيب شاهين وچ ۾ جهيڙو اڊيالا جيل جي گيٽ نمبر پنج تي ٿيو.

ذريعن موجب فواد چوڌري شعيب شاهين کي چيو ته تون ٽائوٽ آهين، جنهن تي شعيب شاهين فواد چوڌري کي چيو ته اوهان پنهنجي ڪم سان ڪم رکو. جنهن کان پوءِ فواد چوڌري شعيب شاهين کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو، ٿڦڙ لڳڻ سبب شعيب شاهين زمين تي ڪري پيو ۽ کيس ٻانهن تي ڌڪ لڳا. جهيڙي دوران ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي گاريون به ڏنيون.

شعيب شاهين سان جهيڙي کان پوءِ فواد چوڌري اڊيالا جيل جي اندر هليو ويو، جڏهن ته شعيب شاهين کي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل اندر گهرائي ورتو. ياد رهي ته انهي کان اڳ به فواد چوڌري جو اينڪر مبشر لقمان ۽ سميع ابراهيم سان به جهيڙو ٿي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔