اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چين جي ترقي دنيا جي لاءِ مثبت قدم آهي، اسان ڏهاڪن کان چين جي پاڙيسري هجڻ جي ناتي ڄاڻون ٿا ته چين ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري.
چين جي دوري جي موقعي تي چيني سرڪاري ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر آصف زرداري چيو ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران چين جي تيز رفتار ترقي ۽ تبديلي مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. صدر زرداري چيو ته چين جي هر شخص جو پنهنجي شعبي ۾ بهترين ڪم، قومي جي اجتماعي فائدي جو سبب بڻجي رهيو آهي.
هن چيو ته چين جو عروج هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، انهي کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي، اسان ڏهاڪن کان چين جي پاڙيسري هجڻ جي ناتي ڄاڻون ٿا ته چين ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري.
چيني پرڏيهي پاليسي جي تعريف ڪندي صدر زرداري چيو ته اهو خطي ۾ استحڪام جو ذريعو آهي، انهي کان علاوه صدر زرداري پاڪ چين دوستي، اقتصادي ۽ سفارتي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي زور ڏنو.