حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي سٽيزن ڪالوني جي گهر ۾ باهه لڳڻ سبب مزاحمتي انقلابي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو. جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿي پيو آهي.
رپورٽ موجب سنڌ جي انقلابي مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر کي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي جنهن سبب ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو، پوليس طرفان واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي اوچتي وڇوڙي تي سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن جن ۾ ڪيئن رهان جلا وطن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي جڏهن ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شاعر يسنڌ جي ڪيترن ئي نالن وارن فنڪارن ڳائي آهي. محمد يوسف، سرمد سنڌي، ديبا سحر بادل راهي، صنم ماروي ۽ ٻين جي آوازن ۾ ڳايل ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيا.
ڊاڪٽر آڪاش انصاري تازو چار ڏينهن اڳ ڪتابن جي اسٽال تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي چڙهائي خلاف سخت احتجاج پڻ ڪيو هو جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر کي معافي وٺڻ تي مجبور ٿي ويو. سندس اوچتي وڇوڙي تي سموري سنڌ ۾ ڏک جي لهر پکڙيل آهي.