خيرپور: خيرپور ۾ قومي شاهراهه تي حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس ۾ شرڪت لاءِ لاهور کان ايندڙ زائرين کي کڻي ويندڙ ڪوچ اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،رپورٽ موجب خيرپور جي راڻي پور تحصيل ۾ قومي شاهراهه تي حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا زائرين کي کڻي ويندڙ هڪ ڪوچ تيز رفتاري سبب اونڌي ٿي وئي، حادثي ۾ 16 زائرين فوت ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. حادثي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ۽ پوليس اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ لاشن ۽ زخمين کي گمبٽ ۽ راڻي پور اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو، مسافر بس لاهور کان هارون آباد-سيوهڻ وڃي رهي هئي جڏهن حادثو پيش آيو،حادثي واري هنڌ تي وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو پڻ پهچي ويا ۽ انتظاميا جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.