شب معراج اڄ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

اسلام آباد: شعب معراج اڄ سومر جي ڏينهن  مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. هن ڏينهن تي سڄي ملڪ جي مسجدن تي لائٽون لڳائي چراغان ڪيو ويندو ۽ معراج شريف جون محفلون منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ عالم سڳورا ۽ مقرر  معراج واقعي  تي تفصيلي روشني وجهندا.

نعت پڙهندڙ حضور اڪرم صه جي شان مبارڪ ۾ نعت پيش ڪندا، سمورن ٽي وي چينلز ۽ ريڊيوز تي خصوصي پروگرام جڏهن ته اخبارن ۾ خصوصي ايڊيشن شايع ڪيا ويندا.

رجب مهيني جي 27هين رات حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم کي معراج جو شرف عطا ڪيو ويو، پاڻ صلي الله عليه وسلم حضرت جبرائيل عليه السلام سان گڏ براق تي سوار ٿي مڪه مڪرمه مان مسجد اقصيٰ ويا ۽ اتي سمورن انبياءِ ڪرام جي نماز جي امامت فرمائي.

پوءِ پاڻ صلي الله عليه وسلم کي آسمانن ۾ الله تعاليٰ سان ملاقات ڪرائڻ جي لاءِ آندو ويو، جتي رسول اڪرم صه کي جنت ۽ دوزخ به ڏيکاريا ويا.

حضرت محمد مصطفيٰ صه جي اتي مختلف نبين سان به ملاقات ڪرائي وئي، مسلمان امت جي لاءِ معراج النبي صه  جو سڀني کان وڏو تحفو نماز آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔