حيدرآباد: آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامنٽ شاندار مقابلن سان پڄاڻي تي پهتو

حيدرآباد:  حيدرآباد ۾ آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامينٽ شاندار مقابلن سان پڄاڻي تي پهچي ويو، ميگا ايونٽ  جي فائنل ۾ رائزنگ اسٽار ڪلب بلوچستان دلچسپ مقابلي بعد محبوب ڪلب حيدرآباد کي شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ورتي، حيدرآباد جي سروري ڪلب حسين آباد ۾ ٽن ڏينهن وارو 31 هون آل پاڪستان الهه وسايو ڀٽي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم پٺاڻ ۽ جاويد اقبال جوڻيجو يادگار شوٽنگ بال ٽورنامينٽ ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 32 ٽيمن حصو ورتو، جنهن ۾ شاندار مقابلن کانپوءِ رائزنگ اسٽار ڪلب زاندرا بلوچستان ۽ محبوب ڪلب حيدرآباد وچ ۾ فائنل مقابلو ٿيو، فائنل ۾ رائزنگ اسٽار شاندار راند پيش ڪري محبوب ڪلب حيدرآباد کي شڪسست ڏئي ثرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

فتح تي رانديگرن رقص ڪري شاندار جشن ملهايو، ان موقعي آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامينٽ جي رنگا رنگ پڄاڻي واري تقريب ٿي، جنهن ۾ خاص مهمانن اڳوڻي تعليم واري وزير خان محمد ڏاهري، سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ  جي اڳوڻي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ، حاجي ناصر رمضان گجر، اسد جاويد جوڻيجو، زرعي ترقياتي بينڪ جي زونل هيڊ محمد خرم،  آغا صبور پٺاڻ، چوڌري فخر عباس، آغا اشرف پٺاڻ، شاهه محمد ڀٽي، هدايت لاشاري ۽ ٻين رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ ٻيا انعام ورهايا.

پڄاڻي واري تقريب کي خاص مهمانن خطاب ڪندي چيو ته شوٽنگ بال سنڌ جي قديمي راند آهي، سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ ئي کيڏي وڃي ٿي، گراس روٽ کان شورع ٿيندڙ هن راند مان وڏا وڏا سپر اسٽار پيدا ٿيا آهن، جيڪي ٻين راندين ۾ به ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته سنڌ سرڪار  هن راند جي مالڪي ڪري هن کي وڌي هٿي ڏياري وڃي، ان موقعي تي خوبصورت آتش بازي جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو، ٽن ڏينهن واري هن ميگا ايونٽ ۾ سڄي ملڪ مان هزارين ماڻهن پڻ شرڪت ڪري رانديگرن کي داد ڏيڻ سان گڏوگڏ خوب لطف اندوز به ٿيا.

facebook sharing button
twitter sharing button
pinterest sharing button
email sharing button
sharethis sharing button

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔