ڪراچي: ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال آفيسرن لاءِ گاڏين جي خريداري تي ٿيندڙ اعتراض تي اهم بيان ڏئي ڇڏيو آهي.
راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته نوجوان آفيسرن لاءِ ڪارون خريد ڪيون وينديون، آپريشنز لاءِ گاڏين جي ضرورت آهي، سيلز ٽيڪس چيڪنگ لاءِ آفيسرن جو وزٽ ضروري هوندو آهي، ڪميٽي جي اعتراض جو احترام سان جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته ٽيڪس حدف پورا ڪنداسين، جوتشي جو ڪم شروع ناهي ڪيو، سيمنٽ جي قيمت جي معاملي تي مسابقي ڪميشن کي ڪم ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڪليڪشن جي حوالي سان ايف بي آر چيئرمين وضاحت پيش ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ وڏين ڪمپنين جا هيڊ ڪوارٽرز آهن، ملٽي نيشنل ڪمپنين جا به هيڊ ڪوارٽرز آهن، ٽيڪس ڪليڪشن جو عمل اتان کان رڪارڊ ۾ ايندو آهي.
ڪراچي مان وڌيڪ ٽيڪس اچي پر رقم نه لڳڻ بابت سوال تي راشد محمود لنگڙيال چيو ته اهو معاملو مالي فيڊرل ازم ۽ آئين ۾ طئي ٿيل آهي.
ياد رهي ته سينيٽ جي ناڻي بابت قائمه ڪميٽي ايف بي آر آفيسرن جي لاءِ 6 ارب ماليت جون 1010 گاڏيون خريد ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو جڏهن ته سينيٽ جي ناڻي واري ڪميٽي جي چيئرمين ناڻي واري وزير کي خط لکي گاڏين جي خريداري لاءِ رقم جي ادائيگي نه ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو هو.