لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان ۽ پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي وفاداري ڪم نه اچي سگهي، بشريٰ بي بي جي شڪايتن تي کيس عهدي تان هٽايو ويو.
پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب بيان ۾ چيو ته عمران خان صوبائي صدارت تان هٽائي علي امين گنڊاپور کي وفاق جي اڪابرن کي ڪمزور ڪرڻ جي وفاداري جو انعام ڏنو ويو. هڪ صوبي جي وڏي وزير کي ٻئي صوبي تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي استعمال ڪري بعد ۾ کيس فارغ ڪيو ويو.
مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران خان جي فطرت ۾ ڪنهن سان به وفاداري ڪرڻ آهي ئي نه. عمران خان هر دوست، ڪارڪن ۽ ساٿي کي پنهنجي ذاتي مقصد جي لاءِ استعمال ڪري ٽشو پيپر جي طرح اڇلائي ڇڏيندو آهي ۽ ماڻهن کي ملڪ جي خلاف سازشن جي لاءِ استعمال ڪري بي يارو مددگار ڇڏي ڏيندو آهي.
علي امين کي پارٽي جي صوبائي صدارت تان هٽائي عمران خان وفاداري ڪندڙ جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ جي پنهنجي روايت ٻيهر ورجائي آهي. علي امين جي وفاداري ڪجهه ڪم نه آئي بشريٰ بي بي جي شڪايتن تي انهي کي عهدي تان هٽايو ويو.
پنجاب جي سينئر وزير چيو ته عمران خان جي لاءِ جنهن جيتري وڏي قرباني ڏني عمران خان انهي سان اوتري ئي وڏي احسان فراموشي ڪئي. اڪبر ايس بابر، جسٽس وجيهه، نعيم الحق، جهانگير ترين ۽ عبدالعليم خان عمران خان جي احسان فراموشي جا ڪجهه مثال آهن. علي امين گنڊاپور عمران خان جي لاءِ 9 مئي کان وٺي 26 نومبر تائين هر فسادي مهم ۾ اڳيان وڌي حصو ورتو. عمران خان انهي کي صوبائي صدارت جي عهدي تان هٽائي سٺو صلو ڏنو آهي. 9 مئي ۽ 26 نومبر جي نوجوانن کي استعمال ڪيو ۽ پوءِ انهن کي جيلن ۾ سزائون ڪاٽڻ جي لاءِ اڪيلو ڇڏيو ويو.
مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته سڄي زندگي ٻين کي پنهنجي سياسي مقصد ۽ ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪندڙ جي فطرت اڄ به تبديل ناهي ٿي، اڄ هن مفاد پرست سان ڪوبه پراڻو دوست، عهديدار، ساٿي گڏ بيٺل نه آهي. عقل رکندڙ، سمجهه رکندڙ انهي شخص جي فطرت کي سمجهن ۽ آئنده ڪنهن به قسم جي ملڪ جي خلاف سازش جو حصو نه بڻجن. ڪنهن به سازش ۽ ذاتي مقصد جو حصو بنجڻ کان اڳ سوچين جيڪو اڄ علي امين گنڊاپور سوچي رهيو آهي، پر هاڻ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي.