ناڻي واري وزير جي ورلڊ بينڪ جي صدر سان ملاقات، فريم ورڪ پلان تي اتفاق

اسلام آباد :ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ۾ ورلڊ بينڪ جي صدر اجي بنگا سان ملاقات ڪئي.ٻنهي اڳواڻن 10 سالن لاءِ رولنگ ڪنٽري فريم ورڪ پلان جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.رپورٽن مطابق عالمي بئنڪ جي صدر معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ٽيڪس وڌائڻ جي پروگرامن جي حمايت ڪئي.بعد ۾ ناڻي واري وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر ماساتسوگو اسڪاوا سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هنن اي ڊي بي سان پاڪستان جي پارٽنرشپ کي مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.اجلاس ۾ رعايتي فنانسنگ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڌيان ڏنو ويو.ان کان اڳ سعودي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ ڀائيواري کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب G24 اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي ريجنل نائب صدر سان پڻ ملاقات ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔