بلوچستان ۾ وزارتن جي ورهاست: پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

لاهور: اتحادي پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) وچ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻنهي اتحادي پارٽين ۾ بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۾ وزارتن جي ورهاست تي اختلاف پيدا ٿي ويا آهن

ذريعن موجب حڪمران پارٽين ۾ شامل ٿيندڙ آزاد اميدوار به وزارتن جي گهر ڪري رهيا آهن. ڏيڍ مهينو گذرڻ  جي باوجود بلوچستان ڪابينه جي جوڙجڪ نه ٿي سگهي آهي.

سرفراز احمد بگٽي 2 مارچ تي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کنيو هو. هن عيد جي موڪلن کان پوءِ پهرين ڏينهن ڪابينه جي جوڙجڪ جو اعلان ڪيو هو پر عيد جون موڪلون ختم ٿيڻ جي باوجود اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔