پرائمري ٽيچر جي 9 هزار 315 خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون: تعليم کاتو

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استادن جي  14هزار خالي جاين تي ڀرتيون ڪرڻ جي تياري مڪمل، تعليم کاتي جي اختيارين چيو آهي ته پرائمري ٽيچر جي 9 هزار 315 خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون

تعليم کاتي طرفان 4 هزار 725 جونيئر اسڪول ٽيچرز جي خالي جاين تي به ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

سمورن ضلعن جي ڊسٽرڪٽ  ايجوڪيشن آفيسرز لسٽ تيار ڪري ورتي، ڪراچي ۾ پرائمري ٽيچرز جي 4 هزار 295 خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون، ڪراچي ۾ هڪ هزار 260  جونيئر ٽيچرز کي ڀرتي ڪيو ويندو

 حيدرآباد ۾ 2 هزار 731 پرائمري ٽيچرز ۽ 2 هزار 731 جونيئر اسڪول ٽيچرز جي  خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون

لاڙڪاڻي ۾ پرائمري سائيڊ تي هڪ هزار 74 ۽ 503 جونيئر ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

  سکر ۾ هڪ هزار 215 پرائمري ۽  231 جونيئر ٽيچرز ڀرتي ٿيندا، ڀرتي ٿيندڙ سمورا اميدوار ويٽنگ تي آهن

 2021ع ۾ اميدوارن ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي، نگران حڪومت ويٽنگ تي موجود  اميدوارن جي ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔