امن امان سنڌ جو نه سڄي ملڪ جو مسئلو آهي: شرجيل ميمڻ

سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته امن امان سنڌ جو نه سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، اپريل دوران ڪراچي ۾ 11 مقابلن ۾11 اسٽريٽ ڪرمنل مارجي ويا، 104 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

 ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته نگران حڪومت جي دوران بدامني جي واقعن ۾ واڌ ٿي، غيرقانوني ترسيل پرڏيهين کي به گرفتار ڪيو ويو، مهانگائي،بيروزگاري ۽ غير قانوني ترسيل پرڏيهي وڏا چئلينج آهن

هن چيو ته سنڌ حڪومت نه ٿي چاهي ته عوام کي تڪليف پيش اچي، ڪچي ۾ ڌاڙيکلن خلاف پوليس جو ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي، جنهن سان علائقي ۾ بهتري آئي آهي، جلد صورتحال تي ضابطو آندو ويندو

شرجيل ميمڻ چيو ته گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ 15 ڏينهن دوران 13 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو، سنڌ جو گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ سکر، گهوٽڪي ۽ ڪشمور  ۾ موجود آهن، 6 ماڻهن کي هني ٽريپ ۾اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔