اسد قيصر جو مولانا فضل الرحمان سان رابطو، سياسي صورتحال حڪومت سازي جي عمل تي ڳالهيون

اسلام آباد:  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سياسي صورتحال ۽ حڪومت سازي جي عمل تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ سياسي صورتحال ۽  حڪومت سازي جي عمل تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڳالهين ۾ جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد قيصر چيو ته ڳالهين دوران مولانا فضل الرحمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني جڏهن ته جي يو آءِ سربراهه کي حڪومت جي حوالي سان پنهنجن خدشن کان به آگاهه ڪيو.

اسد قيصر چيو ته ٻئي پارٽيون حڪومت سازي جي موجوده عمل کي رد ڪن ٿيون. عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي جعلي حڪومت ٺاهي وئي، جعلي حڪومت جي خلاف منظم عوامي جدوجهد وقت جي اهم ضرورت آهي.

هن چيو ته  جدوجهد جي حوالي سان پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ۾ فڪري هڪ جهڙائي آهي. ان کان علاوه اسد قيصر چيو ته قانون جي بالادستي تي يقين رکندڙن کي تحريڪ تحفظ دستور جي پليٽ فارم تي سياسي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔