بشريٰ انصاري اقبال حسين سان شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري پنهنجي شادي بابت خبرن جي تصديق ڪري ڇڏي. بشريٰ انصاري مڙس هدايتڪار اقبال حسين سان پنهنجي يوٽيوب چينل تي ”اسان جي پهرين ملاقات“ جي نالي سان ويلاگ پوسٽ ڪيو آهي جنهن ۾ هن شادي جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته وڏي عمر ۾ شادي تي پنهنجن خيالن جو اظهار به ڪيو آهي

ويلاگ ۾ اقبال حسين ٻڌايو ته سندن پهرين ملاقات 2016 ۾ آن ايئر ٿيندڙ شو سيريل ”سيتا باگڙي“ جي شوٽنگ ۾ ٿي، ان وقت ٻنهي جي طلاق ٿي چڪي هئي ۽ ٻئي اڪيلا هئا، ان شوٽنگ ۾ ئي هن بشريٰ انصاري کي شادي جي آڇ ڪئي. بشريٰ انصاري چيو ته اقبال حسين جي طلاق منهنجي طلاق کان ڪجهه عرصو اڳ ٿي هئي ۽ هن ڪجهه عرصي بعد طلاق ورتي پر ان وقت ٻئي هڪ ٻئي سان نه مليا هئا

بشريٰ انصاري ٻڌايو ته هن پنهنجي طلاق بابت ڪڏهن به ڪنهن سان نه ڳالهايو ڇاڪاڻ ته طلاق کي قبول ڪرڻ لاءِ ڏيڍ سال جو وقت لڳو. اداڪارا چيو ته کيس شادي جو پري پري تائين ڪو خيال نه هو، پاڻ کي هن شادي لاءِ ڏيڍ سال تائين مڃرايو پوءِ پنهنجي خاندان سان اقبال کي ملايو ته سڀ هن کان متاثر ٿيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔