يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن 45 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ خريداري جو ٽينڊر رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن 45 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ خريڊاري جو ٽينڊر رد ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته رمضان ۾ امڪاني کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ کنڊ جي خريداري جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو هو

.يوٽيليٽي اسٽورز جي ذريعن ٻڌايو ته کنڊ جي  مهانگي ٿيڻ سبب ٽينڊر رد ڪيو ويو. گهٽ کان گهٽ ٻولي 142 روپيه في ڪلو جي حساب سان لڳائي وئي، خرچ ملائي في ڪلو کنڊ 155 روپين ۾ پئجي رهي هئي.

يوٽيليٽي جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارپوريشن وٽ کنڊ جا وڏا ذخيرا موجود آهن. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن 45 هزار ميٽرڪ ٽن جي تحت ٻوليون طلب ڪيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔