سڄي ملڪ ۾ بجلي ۽ گيس چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي ۽ گيس چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

گهر وزير جي هدايتن تي بجلي ۽ گيس چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ گهرو وزير ايف آءِ اي کي ان حوالي سان خصوصي ذميواريون به ڏئي ڇڏيون آهن.

محسن نقوي بجلي ۽ گيس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي اختيارين وفاقي گهرو وزير کي يونان ٻيڙي حادثي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي جنهن تي محسن نقوي چيو ته ٻيڙي حادثي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو پوندو. انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي کي يقيني بنايو ويندو.

گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ايف آءِ اي اختيارين ٻڌايو ته ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي سان پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي. ان موقعي تي محسن نقوي ايف آءِ اي کي حواله هنڊي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف گهيرو وڌيڪ تنگ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ ايف آءِ اي اهلڪارن کي ٻڌڻي هيٺ ترقين تي به اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. گهرو وزير التوا هيٺ پروموشن ڪيسز کي هڪ مهيني ۾ اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔