واپارين کان بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت واپارين کان بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس وصول ڪرڻ جي اسڪيم تيار ڪري ورتي آهي.ايف بي آر ذريعن موجب حڪومت 3.5 لک واپارين کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ هڪ اسڪيم تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ واپارين کان مهيني جي بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن موجب واپارين جي سالياني آمدني کي 12 حصن ۾ ورهايو ويندو ۽ ٽيڪس وصولي اصل دڪاندار بدران دڪاندار کان ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل اسڪيم کي نئين مالي سال جي بجيٽ کان اڳ آندو ويندو جڏهن ته آءِ ايم ايف کي به تجويز ڪيل پلان بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔