آءِ ايم ايف جي 26 مان 25 نقطن تي عملدرآمد مڪمل

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ٻئي معاشي جائزي جي 26 مان 25 هدفن تي عمل مڪمل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت هدفن تي عمل جي رپورٽ آءِ ايم ايف کي موڪلي ڇڏي آهي.ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ايس او اي قانون ۾ ترميم ۽ ترميمي قانون تي عملدرآمد مڪمل ناهي ٿيو. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، پاڪستان پوسٽ ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي قانون ۾ ترميم ناهي ڪئي وئي.ذريعن موجب حڪومت لاءِ مرڪزي بئنڪ کان قرض نه وٺڻ ۽ پرڏيهي ادائيگين جي بروقت ادائيگي جا شرط پورا ڪيا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس روينيو ۽ ريفنڊ جي ادائيگي سميت پاور سيڪٽر جا بقايا وقت تي صاف ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽيڪس معافي نه ڏيڻ ۽ ٽيڪس ايمنسٽي جي شرط تي به مڪمل عمل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ وچ ۾ ڪرنسي مٽا سٽا ۾ 1.25 سيڪڙو جي شرح تي عمل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ جي شرط تي به بروقت عمل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن جي اچڻ کان اڳ ٽارگيٽ تي عملدرآمد رپورٽ جو جائزو مڪمل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔