پشاور هاءِ ڪورٽ اسد قيصر جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ 23 جون 2023 تي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار جي وڪيل جو موقف هو ته اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آهي. عمري جي ادائيگي لاءِ وڃي رهيو هو ته ان کي روڪيو ويو، 23 جون تي ان جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو. اسد قيصر سينئر سياستدان آهي ۽ اڳوڻي اليڪشن ۾ به قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجو هو.

جنهن کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ اسد قيصر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو آرڊر غيرآئيني  ۽ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔