پاڪستان ۾ حڪومت ٺهڻ کان اڳ تبصرو نٿا چاهيون، آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت ٺهڻ کان اڳ هو تبصرو نٿا ڪن، ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي اتحاد ملڪ جو پنهنجو فيصلو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هو ڪنهن به بي ضابطگي جي الزام جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهي ٿو.هن چيو ته پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي ۽ پابندين جي خبرن تي کيس ڳڻتي آهي.ميٿيو ملر چيو ته هو مطالبو ڪندا رهندا آهن ته پاڪستان اظهار جي آزادي جو احترام ڪري، ٽوئيٽر سميت ڪنهن به سوشل ميڊيا تائين رسائي بحال ڪئي وڃي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستاني اختيارين بنيادي آزادين جي احترام جي اهميت تي زور ڀريندا رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔