ملتان ناقابل شڪست، لاهور کي لڳاتار ٽئين ٽيون ڀيرو ناڪامي

ملتان: ملتان سلطان لڳاتار ٽئين فتح حاصل ڪندي دفاعي چيمپئن لاهور کي شڪست ڏني. لاهور جي مسلسل ٽئين شڪست آهي. محمد رضوان ٽن ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 59 بالن تي 82 رنز جي شاندار اننگ کيڏي ۽ افتخار زبردست انداز ۾ 11 بالن تي 34 رنز ٺاهي ميچ ختم ڪئي. هن 2 ڇڪا ۽ پنج چوڪا هنيا. ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ 9 جي ستين ميچ ۾ لاهور قلندرز ملتان سلطانز کي فتح لاءِ 167 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. ملتان ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. لاهور قلندرز مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون، وين ڊر ڊسن 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ان کان علاوه فخر زمان 41 رنسون، سڪندر رضا 23 رنسون، جهانداد خان 16 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته صاحبزاده فرحان 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، عبدالله شفيق 6 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ ڪارلوس بريٿ وائيٽ 15 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. جواب ۾ محمد رضوان ۽ ڊيوڊ ملن اننگ شروع ڪئي ته شاهين آفريدي ميڊن اوور ڪرايو ۽ آئوٽ لاءِ رويو ورتو پر ڪامياب نه ويو. ٻئي اوور ۾ زمان خان ڊيوڊ ملن کي پهرين ئي بال تي ايل بي دبليو ڪيو جنهن بعد ريزا هينڊرڪس آيو پر هو به 9 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي فخر هٿان ڪيچ ٿيو، ياسر خان به 13 بالن تي 8 رنز ٺاهي لنڊي جي بال تي ڪيپر فرحان هٿان اسٽيمپ آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ڊيوڊ ولي رضوان جو ساٿ ڏيڻ آيو. ملتان تي لاهور ڇائنيل هئي پر رضوان شاندار راند ڪندي ملتان جي مسلسل ٽئين فتح لاءِ راهه هموار ڪئي. هن کي ڪيترا ڀيرا چانس به مليو ۽ سندس ڪيچ ڊراپ ٿيندا رهيا. 16 هين اوور جي پڄاڻي تي ملتان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنز ٺاهيون ۽ 4 اوورز ۾ راند کٽڻ لاءِ کين 45 رنز گهربل هيون. 17 هين اوور ۾ رضوان 59 بالن تي 82 رنز ٺاهي زمان جي بال تي لنڊي هٿان بائونڊري تي ڪيچ ٿيو ته افتخار آيو جنهن پهرين بال تي زمان کي چوڪو هنيو. 18هين اوور ۾ شاهين کي هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو لڳو پر آخري بال تي ڊيوڊ ولي کي ايل بي ڊبليو ڪيو. 12 بالن تي 21 رنز گهربل هيون خوشدل آيو. 19 هين اوور ۾ افتخار بيڪ ٽو بيڪ زمان کي 2 چوڪا ۽ وري بيڪ ٽو بيڪ 2 ڇڪا هنيا ۽ وري چوڪو هڻي ميچ کٽي ورتي. هن 19 هين اوور ۾ 24 رنز ٺاهيون ۽ ميچ کٽڻ لاءِ 21 گهربل هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔