ايم ڪيو ايم وفاق ۾ 4 وزارتون ۽ سنڌ جي گورنر شپ گهري ورتي

ڪراچي:متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان مسلم ليگ(ن) کان وفاقي ڪابينه ۾ 3 کان 4 وزارتن جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ حڪومت سازي بابت پاور شيئرنگ جو فارمولا جوڙيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ايم ڪيو ايم وفاقي ڪابينه ۾ 4 وزارتون گهري ورتيون آهن.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جو عهدو وٺڻ چاهي ٿي پر مسلم ليگ(ن) اڳ ئي اهو عهدو پيپلز پارٽي کي ڏئي چڪي آهي. هاڻ ڊپٽي اسپيڪر جو عهدو نه ملڻ سبب سبب ايم ڪيو ايم طرفان اهو مطالبو سامهون آيو آهي.

وفاقي ڪابينه ۾ وزارتن کان علاوه ايم ڪيو ايم قانون سازي جي تحت بلدياتي ادارن کي بااختيار بنائڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم سنڌ جي لاءِ گورنر شپ جي حوالي سان به مطالبا سامهون رکيا آهن. ايم ڪيو ايم ڪامران ٽيسوري کي گورنر جي عهدي تي برقرار رکڻ چاهي ٿي.

ان حوالي سان ايم ڪيو ايم پنجاب جي اڳواڻ محمد زاهد پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته(ن) ليگ به موجوده سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي عهدي تي برقرار رکڻ جو راضپو ظاهر ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔