سينيٽ چيئرمين لاءِ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني مضبوط اميدوار بڻجي ويو

اسلام آباد:  ايندڙ حڪومت ۾ سينيٽ چيئرمين لاءِ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني  جو نالو مضبوط اميدوار جي طور تي سامهون اچي ويو آهي.

ذريعن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي طرفان سينيٽ چيئرمين جي نامزدگي لاءِ مشاورت شروع ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي لاءِ(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ معاملا طئي ٿي ويا هئا.

حڪومت سازي جي فارمولي موجب سينيٽ چيئرمين پيپلز پارٽي جو ۽ ڊپٽي چيئرمين(ن) ليگ جو هوندو. اهڙي طرح قومي اسيمبلي جو اسپيڪر(ن) ليگ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو عهدو پيپلز پارٽي کي ملندو.

ان حوالي سان سينيٽ چيئرمين جي لاءِ يوسف رضا گيلاني مضبوط اميدوار نظر اچي رهيو آهي. ياد رهي ته يوسف رضا گيلاني اسلام آباد مان سينيٽر چونڊجي ويو آهي. سينيٽ چيئرمين بنجڻ جي صورت ۾ اهو قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏيندو جنهن تي سندس پٽ ضمني چونڊون وڙهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔