پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي طلب، نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا

لاهور: ملڪ ۾ عام چونڊن کان پوءِ پنجاب اسيمبلي جو پهريون اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ سمري پنجاب جي گورنر ڏانهن اماڻي وئي آهي. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح جو 10 وڳي ٿيندو. اجلاس ۾  نوان چونڊيل  اسيمبلي ميمبر حلف کڻندا. پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ميمبرن کان حلف وٺندو.

نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري کان پوءِ  اسپيڪر نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو شيڊول ڏيندو. ڪاغذ فائنل ٿيڻ جي هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ چونڊ ٿيندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊجڻ کان پوءِ نئون چونڊيل اسپيڪر وڏي وزير جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔