پنجاب جي گورنر لاءِ احمد محمود، قمرالزمان ڪائره ۽ نديم افضل جا نالا غور هيٺ

لاهور: پنجاب جي گورنر لاءِ احمد محمود، قمرالزمان ڪائره ۽ نديم افضل چن جا نالا سامهون اچي ويا آهن جن تي غور ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ موجب اقتدار حاصل ڪرڻ جي فارمولي تحت(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاهدا سامهون اچڻ لڳا آهن. پنجاب جي گورنر لاءِ مخدوم احمد محمود، قمرالزمان ڪائره ۽ نديم افضل چن جا نالا غور هيٺ آهن. اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون طئي ٿيڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي جي قيادت پنجاب جي گورنر جي نالي تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي قيادت حتمي مشاورت کان پوءِ جلد پنجاب جي گورنر جو نالو فائنل ڪندي. قمرالزمان ڪائره گلگت بلتستان جي گورنر جي حيثيت سان به فرض انجام ڏئي چڪو آهي. مخدوم احمد محمود اڳ به پنجاب جي گورنر واري عهدي تي رهي چڪو آهي.

پيپلز پارٽي کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي گورنر جا عهدا ملندا. نديم افضل چن  جو نالو به گورنر جي عهدي لاءِ پارٽي قيادت جي مشاورت ۾ غور هيٺ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔