قومي اسيمبلي ۾ (ن) ليگ کي 20، پ پ 13، ايم ڪيو ايم کي 5 مخصوص سيٽون ملڻ جو امڪان

اسلام آباد:   13 سياسي پارٽيون قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويون، (ن) ليگ کي 20، پ پ 13، ايم ڪيو ايم کي 5 مخصوص سيٽون ملڻ جو امڪان آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ کي 27 مخصوص سيٽن جو مستقبل اليڪشن ڪميشن جي هٿ ۾ آهي.

رپورٽ موجب مخصوص سيٽن جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيل 13 پارٽين ۾ جماعت اسلامي، جي يو آءِ(ف)، تحريڪ لبيڪ، اي اين پي، آءِ پي پي، مسلم ليگ ضياءَ، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي، گريڊن ڊيمو ڪريٽڪ الائنس شامل آهن. مسلم ليگ(ق) کي به مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ پريشانيون سامهون اچي رهيون آهن

اهڙي طرح پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جي ارمانن تي به پاڻي ڦيريو ويو، مرڪزي مسلم ليگ نيشنل پارٽي، بلوچستان عوامي پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي به گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهي. جن پارٽين کي  مخصوص سيٽون ملنديون انهن ۾ مسلم ليگ(ن) کي قومي اسيمبلي ۾ 16 عورتن ۽ 4 اقليتن جون مخصوص سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. پيپلز پارٽي کي 11 عورتن ۽ 2 عورتن جون مخصوص سيٽون ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ايم ڪيو ايم کي قومي اسيمبلي ۾ عورتون جون 4 ۽ هڪ اقليتي سيٽ ملڻ جو امڪان آهي. پي ٽي آءِ کي 27 مخصوص سيٽن جو مستقبل اليڪشن ڪميشن جي هٿ ۾ آهي. اليڪشن ڪميشن جي راضپي تي عورتن جون 23 ۽ 4 اقليتي سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔