هن سال اسمگلنگ ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي: طلال چوڌري

ڪراچي: : گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته هن سال سمگلنگ ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ۽ سمنڊ ذريعي منشيات جي اسمگلنگ ۽ غير قانوني نقل و حمل کي روڪڻ ۾ پاڪستان ڪوسٽ گارڊ جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.مملڪتي وزير طلال چوڌري پاڪستان ڪوسٽ گارڊ جي رڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ميجر جنرل جواد رياض مهمان خاص جو استقبال ڪيو.ان موقعي تي پي سي جي رڪروٽس وزير مملڪتي طلال چوڌري کي سلامي پيش ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته پاڪستان جي ساحلي پٽي کي پرامن بڻائڻ لاءِ 23 ڪوسٽ گارڊ اهلڪارن پنهنجو رت قربان ڪيو. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي ڪري، اسان جون ساحلي حالتون تمام بهتر آهن. پاڪستان ڪوسٽ گارڊ هڪ اعليٰ ڪارڪردگي واري فورس آهي.هن چيو ته منشيات جي روڪٿام ۽ سامونڊي رستن ذريعي غير قانوني نقل و حمل کي منهن ڏيڻ ۾ توهان جو ڪردار هميشه ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي ڀلائي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي.طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته غير قانوني مهاجرن جو رستو روڪڻ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جو خاصو رهيو آهي، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز سامونڊي زندگي جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔