پنڪي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، عدالتي رمانڊ ڪالعدم قرار

ڪراچي: ڪراچي جي هڪ مقامي عدالت منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي عدالتي رمانڊ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ڏکڻ سيشن ڪورٽ ۾ منشيات فروش انمول عرف پنڪي ۽ سندس ساٿي جوابدار خلاف گارڊن پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڊيوٽي مئجسٽريٽ هڪ ڪيس ۾ جوابدار انمول جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو هو جڏهن ته ٻين ڪيسن ۾ جيل ۾ هو. سينٽرل ڊيوٽي مئجسٽريٽ هڪ ٻئي منشيات ڪيس ۾ جوابدار جو جسماني رمانڊ به منظور ڪيو هو.جاچ آفيسر چيو ته شريڪ جوابدار ذيشان ۽ سهيل کي 16 مئي تي گرفتار ڪيو ويو ۽ ساڳئي ڏينهن ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪيو ويو. جسماني رمانڊ جي درخواست جي باوجود عدالتي رمانڊ منظور ڪيو ويو. جاچ لاءِ جوابدار ذيشان ۽ سهيل جو جسماني رمانڊ تمام ضروري آهي. جوابدار کان هٿ ڪيل موبائل فون مان اهم ثبوت حاصل ڪيا ويا آهن.عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڊيوٽي مئجسٽريٽ جوابدار انمول بابت مونجهارو پيدا ڪندڙ حڪم جاري ڪري غير قانوني قدم کنيو، جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي موڪلڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.جج چيو ته ساٿي جوابدارن کان موبائل فون اڳ ئي ثبوت طور حاصل ڪيا ويا آهن، جاچ دوران موبائل فون جي جانچ لاءِ جوابدار جي حراست ضروري ناهي، آن لائن تصديق ۽ فارنزڪ ذريعي موبائل فون جي جانچ ڪري سگهجي ٿي.عدالت چيو ته شريڪ جوابدارن جي ريمانڊ بابت نظرثاني درخواست ميرٽ تي ناهي، ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي ريمانڊ بابت فيصلي ۾ مداخلت ڪرڻ جي ضرورت ناهي، شريڪ جوابدارن بابت جاچ آفيسر جي نظرثاني درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.

تبصرے بند ہیں۔