هن ڀيري لاهور قلندرز ۾ 6 نوان رانديگر شامل آهن، ثمين رانا

لاهور: لاهور قلندرز جي سي او او ثمين رانا چيو آهي ته ٽيم ۾ هن ڀيري 6 نوان رانديگر شامل ٿيا آهن.ثمين رانا چيو آهي ته جيڪڏهن 2 ڀيرا پي ايس ايل کٽي سگهيا ته 3 ڀيرا به کٽي سگهون ٿا، ٽيم اعتماد سان ميدان ۾ لهندي، ٻيون ٽيمون به سٺيون آهن.لاهور قلندرز جي سي او او چيو آهي ته اسان جي ڪاميابي جو دارومدار اسان جي ٽيم جي ڪور گروپ کي برقرار رکڻ تي آهي، اسان جو گهڻو دارومدار پاڪستاني رانديگرن تي رهيو آهي.سندس چوڻ آهي ته لاهور قلندرز ۾ 5 کان 6 قومي ٽيم جا اسٽارز آهن، 6 مان 4 اسان جي پليئر ڊولپمينٽ پروگرام مان آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔