گهوٽڪي، ڪوهاٽ ۽ خوشاب رهيل پولنگ عمل جاري

گهوٽڪي: گهوٽڪي ۽ خوشاب جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ري پولنگ جو عمل جاري آهي.گهوٽڪي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 18 جي 2 پولنگ اسٽيشنن چاڪر ڪولاچي ۽ علي مراد ڪلهوڙو تي 8 فيبروري تي هنگامي سبب پولنگ روڪي وئي هئي. انهن ٻنهي پولنگ اسٽيشنن تي ري پولنگ اڄ ٿي رهي آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار شهريار شر ۽ آزاد اميدوار ڄام مهتاب ڏهر ۾ سخت مقابلو آهي. اڄ صبح 8 وڳي شروع ٿيندڙ پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. آر او گهوٽڪي موجب پولنگ اسيشنن تي پوليس ۽ رينجرز سان گڏ پاڪ فوج جا جوان سيڪيورٽي تي مقرر آهن ٻنهي پولنگ اسٽيشنن تي رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 3309 آهي.ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 88 خوشاب 2 ۾ به اڄ ري پولنگ ٿي رهي آهي. اين اي 88 جي 26 پولنگ اسٽيشنن تي 8 فيبروري تي هنگامي سبب نتيجا روڪيا ويا هئا. اين اي 88 تان آزاد اميدوار ملڪ معظم شير ڪلو، پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اڪرم خان نيازي ۽ آزاد اميدوار هارون بندريال ميدان ۾ آهن. استحڪام پارٽي جو ملڪ گل، اصغر خان بگهور ۽ ٻيا اميدوار به چونڊون وڙهي رهيا آهن. صبح 8 وڳي کان شروع ٿيندڙ پولنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي. تڪ اين اي 88 جي 26 پولنگ اسٽيشنن تي 32 هزار 8 سئو 32 ووٽرز ووٽ ڪاسٽ ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔