نگران حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 73 پئسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 37 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 275 رپيا 62 پئسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 287 رپيا 33 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔