7 ارب 49 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رمضان پيڪيج جي منظوري

اسلام آباد:اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 7 ارب 49 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رمضان پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي.يوٽيلٽي اسٽورز ذريعن موجب هن سال يوٽيلٽي اسٽورز تي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو رمضان پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گذريل سال هڪ ڪروڙ 50 لک رپين جو رمضان پيڪيج منظور ڪيو ويو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيلٽي اسٽورن تي رمضان رليف پيڪيج 4 مارچ کان شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته رليف پيڪيج 2024ع جو لاڳو چنڊ رات تائين هوندو.يوٽيلٽي اسٽورز جي عملدارن موجب ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي 19 بنيادي شين تي رعايت ڏني ويندي، جنهن ۾ اٽو، کنڊ، گيهه، ڪوڪنگ آئل، چانور ۽ دال شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته کجور، بسن، کير، مشروبات ۽ مصالحن تي به رعايتون ڏنيون وينديون، بي آءِ ايس پي جي مستحقن کي رمضان پيڪيج تحت ٽارگيٽيڊ سبسڊي به ملندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته رمضان پيڪيج ۾ ٽارگيٽيڊ سبسڊي کان علاوه عام صارفين لاءِ به خاص رعايتي قيمت مقرر ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔