سنڌ ۾ چونڊ درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ ٽربيونل قائم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت سڄي صوبي ۾ داخل درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ ٽربيونل جوڙي ڇڏيا آهن.ان حوالي سان رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب ڪراچي ڊويزن لاءِ پرنسپل سيٽ هاءِ ڪورٽ ۾ چونڊ درخواست جي ٻڌڻي ٿيندي.نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ڊويزن جي اليڪشن پٽيشن جي ٻڌڻي لاءِ 2 بينچ جوڙي وئي آهي. بينچ هڪ جسٽس محمد ڪريم خان آغا ۽ ٻي بينچ جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي مشتمل هوندي.اهڙي طرح سکر ڊويزن جي اليڪشن درخواست جي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ڪندو، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي اليڪشن درخواست تي جسٽس امجد علي سهتو ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي اليڪشن درخواست جي ٻڌڻي جسٽس محمد سليم جيسر ڪندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٽربيونل چونڊ ڌانڌلي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندا.نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ڪميشن آف سنڌ کي چونڊ درخواست جي ٻڌڻي لاءِ ٽربيونل جوڙڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔