مائيڪرو سافٽ پاران ايران، روس ۽ چين تي هيڪنگ جو الزام

ڪراچي:مائيڪرو سافٽ ڪمپني پنهنجي جاري ڪيل هڪ رپورٽ م چيو آهي ته روس، اتر ڪوريا، چين ۽ ايران جي رياستي سرپرستي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جا ٽول استعمال ڪندي هيڪنگ جي ڪوشش ڪئي آهي. مائيڪرو سافٽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته آهي ته هن روسي فوجي انٽيليجنس، ايران جي انقلابي گارڊ، ۽ چيني ۽ اتر ڪوريا جي حڪومتن سان لاڳاپيل هيڪنگ گروپن کي ٽريڪ ڪيو آهي انهن لارج لينگوئيج يعني وڏي ٻولي وارو ماڊل استعمال ڪندي پنهنجي هيڪنگ مهم کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي ڪمپيوٽر پروگرام، جن کي اڪثر مصنوعي ذهانت سڏيو ويندو آهي، انساني آوازن جي جوابن کي پيدا ڪرڻ لاءِ متن جي وڏي مقدار تي ڇڪيندا آهن. مائيڪرو سافٽ چيو آهي ته اسين پنهنجي اي آءِ پروڊڪٽس کي استعمال ڪندي رياست جي پٺڀرائي هيڪنگ گروپن تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اسين نٿا چاهيون ته هيڪر اسانجي سهولتن جو فائدو وٺي هيڪنگ ڪري سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔