پيٽرول ۽ ڊيزل اڄ مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: نگران حڪومت 16 فيبروري 2024ع کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ مٽا سٽا واري تبديلي کانپوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي.سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو سبب حوثي باغين جي آئل ٽينڪرز ۽ ٻين جهازن جي آمد و رفت تي مسلسل حملا آهن.جڏهن ته ايڪسچينج ايڊجسٽمينٽ کانسواءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ 1.97 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، ايڪس ڊيپو سيلز جي قيمت 272.89 رپيا في ليٽر کان وڌي 274.86 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.اهڙي طرح ايڪسچينج ايڊجسٽمينٽ کانسواءِ ڊيزل جي قيمت 9 رپيا 20 پئسا في ليٽر 278.96 رپين مان وڌائي 288.16 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.ڊالر ۽ رپئي جي مٽا سٽا جي شرح تبديل نه ٿيڻ جي صورت ۾ گاسليٽ جو اگهه 186.62 رپيا في ليٽر مان 1.57 رپيا في ليٽر وڌائي 188.19 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.سرڪاري ذريعن موجب ايڪسچينج ايڊجسٽمينٽ کانپوءِ نگران حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 1 رپيا 47 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل (ايڇ ايس ڊي) جي قيمت ۾ 7 رپيا 50 پئسا في ليٽر واڌ ڪري سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔