ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙ ثبوت پيش ڪن: ڪمشنر

اسلام آباد: اين اي 55 راولپنڊي جي نتيجن بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙ ثبوت به پيش ڪن.چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ خيبرپختونخواهه جي ميمبر اڪرام الله خان ڪيس جي ٻڌڻي اين اي 55 تان ڪامياب اميدوار ابرار احمد جو وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو.ڪامياب اميدوار جي وڪيل چيو ته ريٽرننگ آفيسر اين اي 55 جو حتمي نتيجو جاري ڪري چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي. وڌيڪ جاچ جي لاءِ معاملو اليڪشن ٽربيونل ڏانهن اماڻي سگهجي ٿو.وڪيل بشارت راجه چيو ته ميڊيا رپورٽن موجب اين اي 55 تان بشارت راجا کٽي رهيو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن ميڊيا رپورٽن جي بنياد تي فيصلي نه ڏنا آهن، ڌانڌلي ۽ نتيجا هيٺ مٿانهين جا الزام لڳائيندڙ ثبوت به پيش ڪن. وڪيل بشارت راجا چيو ته ثبوت اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. فارم 45 کولي ڏسي وٺو سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن اين اي 55 راولپنڊي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔