چونڊن بابت پرڏيهي مشوري جي ضرورت ناهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد:پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، چونڊن بابت پرڏيهي مشوري جي ضرورت ناهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته عام چونڊن ۾ پرڏيهي مبصرن کي به دعوت ڏني وئي هئي، اسان پرڏيهي مبصرن ۽ دولت مشترڪه جي مبصرن کي ڀليڪار ڪيون ٿا، پاڪستان پنهنجو آئيني فرض سنجيدگي سان پورو ڪيو ۽ اسان آئيني ذميواريون پوريون پوريون ڪري رهيا آهيون.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، چونڊن بابت پرڏيهي مشوري جي ضرورت ناهي.هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستانين کي ملڪ جي سياسي عمل بابت ڳالهائڻ جو حق آهي ان تي تبصرو نه ڪنداسين.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته رفح شهر ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪريون ٿا، او آءِ سي به اسرائيلي جارحيت خلاف خبردار ڪيو آهي ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر تي عمل سميت فلسطينين جو قتل عام روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي فورسز 10 فيبروري تي والاريل ڪشمير ۾ جماعت اسلامي جي آفيسن تي ڇاپا هنيا، جماعت اسلامي والاريل ڪشمير ۾ دفترن تي ڇاپن جي سخت مذمت ڪري ٿي.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان کي خطي ۾ دهشتگرد عنصرن جي اڀار تي تحفظات آهن، افغان انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان خلاف سرگرم دهشتگرد گروپن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهه گيرن تي خدشا آهن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي ميڊيا بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔