شادي جھڙي رشتي جو احترام ڪريان ٿي،ششميتا

ممبئي : ڀارت جي پهرين مس يونيورس ۽ اداڪاره سشميتا سين شادي ڪرڻ بابت پنهنجا خيال شيئر ڪيا آهن. تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ سشميتا سين پنهنجي بواءِ فرينڊ رحمان شول سان شادي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ”مون کي خبر آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته مون کي هن عمر ۾ شادي ڪرڻ جو نه سوچڻ گهرجي، پر مان ائين نه ٿي سمجهان. هن چيو ته مون کي هن عمر ۾ به شادي بابت سوچڻ تي ڪو اعتراض ناهي ڇو ته مان شادي جهڙي پيار واري رشتي جو احترام ڪندي آهيان.اداڪارا چيو ته خوشقسمتيءَ سان مان ڪجهه ناقابل يقين ماڻهن کي سڃاڻان ٿي جن جي شادي ڪاميابيءَ سان ٿي آهي پر مان دوستي جي رشتي تي گهڻو يقين رکان ٿو.هن چيو ته ان ڪري جتي عزت، دوستي ۽ آزادي هجي اتي شادي جو سوچي سگهجي ٿو.ياد رهي ته سشميتا سين 2018ع ۾ روهمن شول سان ملڻ جي شروعات ڪئي هئي پر 2021ع ۾ ٻنهي وچ ۾ ڌار ٿي ويو.روهمن شول سان بريڪ اپ ٿيڻ کانپوءِ سشميتا سين ڪجهه وقت لاءِ ڀارت جي مشهور ڪاروباري شخصيت للت مودي کي ڊيٽ ڪيو، جنهن بعد گذريل سال سشميتا سين ۽ روهمن شول ۾ صلح جون خبرون سامهون آيون ۽ ٻنهي کي ڪيترين ئي پارٽين ۾ گڏ ڏٺو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔