ڊالر جي اگهه ۾ لاڳيتو گهٽتائي، روپيو وڌيڪ سگهارو

ڪراچي: ڊالر جي اگهه ۾ لاڳيتو گهٽتائي جاري رهي ، جڏهن ته روپيو وڌيڪ سگهارو ٿي ويو ،اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به ڪاروبار جو هاڪاري رجحان رهيو.

ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 17پئسا سستو ٿي ويو جنهن کانپوءِ ڊالر جو اگهه 279 رپيا 25 پئسا ٿي ويو.

گذريل ڏينهن ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 279 رپيا ، 42 پئسن تي بند ٿيو هو.

ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي هاڪاري شروعات ٿي ، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ 277 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ انڊيڪس 64 هزار 78 پوائنٽس تي پهچي ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔