چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ ڌماڪا، 25 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪوئٽه: چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان جي ٻن ضلعن پشين ۽ قلعه سيف الله ۾ 2 ڌماڪا ٿيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب پهريون ڌماڪو بلوچستان جي ضلعي پشين جي علائقي خانوزئي ۾ ٿيو  جنهن ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ٻيون ڌماڪو قلعه سيف الله ۾ جي يو آءِ(ف) جي آفيس ٻاهران ٿيو جنهن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا.

خانوزئي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي کان پوءِ علائقي ۾ بيٺل موٽر سائيڪلون تباهه ٿي ويون. ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن جڏهن ته 15 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق به ڪئي وئي آهي.

پوليس ٻڌايو آهي ته ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي آهي  جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. خانوزئي اسپتال جي ايم ايس تصديق ڪئي ته ڌماڪي کان پوءِ 15 ڄڻن جا لاش ۽ 30 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي جن مان ڪيترن  جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته ڌماڪو عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ اڳوڻي وزير اسفنديار ڪاڪڙ جي آفيس ٻاهران ٿيو آهي پر اهو ان وقت آفيس ۾ موجود نه هو. ڌماڪي وقت علائقي ۾ وڏي تعداد ۾  ماڻهو موجود هئا. جڏهن ته ٻين سياسي پارٽين جون آفيسون به  ساڳئي علائقي ۾ موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔