اليڪشن جي ڏينهن انٽرنيٽ سروس بند نه ٿيندي: پي ٽي اي

اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) چيو آهي ته اليڪشن جي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند نه ٿيندي.

پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان موجب اليڪشن جي ڏينهن صارفين کي انٽرنيٽ جي سهوليت ميسر هوندي، انٽرنيٽ سروس بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندي. حڪومت چونڊن جي ڏينهن انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا ڪي به حڪم جاري نه ڪيا آهن

ياد رهي ته گذريل ڏينهن نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته حڪومت طرفان چونڊن جي موقعي تي موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪابه گائيڊ لائين نه ڏني وئي آهي. ڪنهن به جڳهه امن امان جي صورتحال خراب ٿئي ته مقامي انتظاميه صورتحال جو جائزو وٺي فيصلو ڪري سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔