هانگ ڪانگ جي چئن انجنيئرن دنيا جو سڀني کان ننڍو روبوٽ ٺاهي پاڪستاني انجنيئر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

هانگ ڪانگ:  هانگ ڪانگ جي چئن انجنيئرن دنيا جو سڀني کان ننڍو روبوٽ ٺاهي پاڪستاني انجنيئر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

هانگ ڪانگ: ڊائيوسيسن بوائز اسڪول سان تعلق رکندڙ روبوٽ ٽيم جي چئن ميمبرن آرون هوبيٽ فنگ، آئزڪ زيڪري ٽو، جسٽن وينگ ٽو ڊونگ ۽ گوهٽي ليونگ گڏجي 5.55 انچز وڏو روبوٽ ٺاهيو جيڪو پاڪستاني انجنيئر پاران تيار ڪيل روبوٽ کان 0.44 انچ ننڍو آهي.  ان کان اڳ اهو رڪارڊ پاڪستان جي زين احمد قريشي وٽ هو جيڪو هن 2022 ۾ ٺاهيو هو.

گينيز ورلڊ رڪارڊ جي قائدن ۽ ضابطن موجب اهڙي ڪيٽيگري جي لاءِ لازمي آهي ته روبوٽ ۾ ٻنهي پيرن تي هلڻ سان گڏ ٻنهي ڪلهن کي حرڪت ڏيڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔