سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پولنگ جاري، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ بند

اسلام آباد: پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اميدوارن جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ واري اليڪشن لاءِ سڄي ملڪ ۾ پولنگ صبح 8 وڳي کان جاري آهي. ملڪ جي ٻارهين عام چونڊ لاءِ پولنگ شام 5 وڳي تائين جاري رهندي. خاطري ڪرائڻ جي باوجود به ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موبائيل سروس ۽ انٽرنيٽ معطل آهي. بلاول ڀٽو سميت اڪثر اڳواڻن فوري طور موبائيل سروس بحال ڪرن جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر سلطان سڪندر راجا چيو آهي ته موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو حڪم نٿو ڏئي سگهان. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن سروس جي بحالي سبب ڪو وڏو حادثو ٿيو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟. سڄي ملڪ ۾ قومي ۽ چئن صوبائي اسيمبلين جا 855 تڪ آهن، جن لاءِ 17 هزار 816 اميدوار ميدان ۾ آهن. جنرل سيٽن تي 882 عورتون اميدوار، 4 کدڙا فقير به چونڊ وڙهي رهيا آهن. اڄ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا، جڏهن ته 25 سالن جي عمر جا 2 ڪروڙ 35 لک 18 هزار 371 نوان ووٽر به شامل آهن. ووٽ ڏيڻ لاءِ ووٽر کي پنهنجو اصل شناختي ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو، عام چونڊن لاءِ خاص سيڪيورٽي فيچرز سان 26 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇپايا ويا آهن،سڄي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 27 هزار 628 حساس ۽ 18 هزار 437 انتهائي حساس آهن،عام چونڊن ۾ 5 لک سڪيورٽي اهلڪار ڊيوٽي تي مقرر هوندا، پهرين درجي ۾ پوليس، ٻئين درجن ۾ پيرا ملٽري فورسز، آخري ۽ ٽئين درجي ۾ پاڪ فوج ڪوڪ ريسپانس فورس طور مقرر ڪئي ويندي. اليڪشن جي نتيجن کي گڏ ڪرڻ لاءِ رزلٽ مينيجمينٽ سسٽم (آر ايم ايس) ڪم ڪندو، اهو سسٽم انٽرنيٽ نه هجڻ جي باوجود ڪم ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔