عام چونڊون: پي ٽي آءِ جا حمايت يافتا آزاد اميدوار 41، ن ليگ جا 27 ۽ پي پي  جا قومي اسيمبلي جي 21 سيٽن تي اميدوار ڪامياب

اسلام آباد: ملڪ ۾عام چونڊن دوران پي ٽي آءِ جا حمايت يافتا آزاد اميدوار 41، ن ليگ جا 27 ۽ پي پي  جا قومي اسيمبلي جي 21 سيٽن تي اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن. اين اي 30 پشاور مان پي ٽي آءِ جو حمايت يافتا اميدوار شاندانا گلزار ۽ اين اي 202 تان پي پي جي نفيسا شاهه ڪامياب قرار ڏني وئي ، چونڊ دنگل ۾ وڏي اپ سيٽ جو امڪان آهي .

ملڪ ۾ عام چونڊن کانپوءِ نتيجن اچڻ جو سلسلو اڃان به هلي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين قومي اسيمبلي جي ڪجهه ئي تڪن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون آيا آهن. عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو ۽ ڪروڙين ماڻهن پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪيو .پنجاب ۾ گوجرانوالا، چڪوال ۽ صادق آباد ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي دوران 10 ڄڻا زخمي جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي علائقي لڪي مروت ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي دوران 2 ماڻهو جڏهن ته بلوچستان جي علائقي نصيرآباد ۾ به جهيڙي دوران 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا .

سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن کانپوءِ نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن موجب تڪ اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان جي سڀني 358پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب آزاد اميدوار علي امين گنڊاپور 92612 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته جي يو آءِ ف جو مولانا فضل الرحمان 59364 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو .

تڪ اين اي 130 لاهور جي مڙني 376 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو محمد نواز شريف   171024ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته آزاد اميدوار ياسمين راشد 115043 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهي.

مسلم ليگ جي چيف آرگنائزر مريم نواز لاهور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ورتي ،ن ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لاهور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ورتي . لوڌران ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي جي جهانگير ترين کي شڪست ملي وئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔