پي ايس ايل جي آن لائين ٽڪيٽن جي بڪنگ ويب سائيٽ بحال

لاھور :پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 9 جي آن لائن ٽڪيٽن جي بکنگ ويب سائيٽ بحال ڪئي وئي آهي.پي ايس ايل انتظاميا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام جاري ڪيو آهي.پي ايس ايل انتظاميا جو چوڻ آهي ته ويب سائيٽ بحال ڪئي وئي آهي، ڪرڪيٽ جا شوقين هاڻي ٽڪيٽون آن لائن بک ڪري سگهن ٿا.واضح رهي ته پي ايس ايل جي آن لائين ٽڪيٽن جي بکنگ ويب سائيٽ تي گذريل ڏينهن شام 5 وڳي کان شروع ٿيڻ واري هئي جنهن جي ڪجهه ڪلاڪن بعد سائبر حملو ڪيو ويو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پي ايس ايل جون ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ لاءِ هڪ خانگي ڪوريئر ڪمپني سان معاهدو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔